دوست محمد لکمير

دوست محمد لکمير: ديني عالم ۽ تحريڪِ آزاديءَ جو سرگرم ڪارڪن ۽ شاعر مولوي دوست محمد ولد مولوي عبدالوارث لکمير، 1865ع ڌاري ڳوٺ کبڙ لکمير، تعلقي سڪرنڊ (ضلعي شهيد بينظيرآباد) ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد لکمير هن جي ديني تعليم تي خاص ڌيان ڏنو. هن ديني تعليم پير رشيد الدين جھنڊي واري ۽ مولوي محمد حسين جماليءَ وٽان حاصل ڪئي، جن کيس عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ڏني. هن تعليم مان فارغ ٿيڻ بعد مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي مشوري سان پنهنجي ڳوٺ ۾ ’مدرسه دارالرشاد پير جھنڊي‘ جي شاخ کولي، اتي درس ڏيڻ شروع ڪيو. ان مدرسي مان سندس تربيت هيٺ ڪيئي نالي وارا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا. مولوي دوست محمد لکمير انگريزن جو ڪٽر دشمن ۽ تحريڪ خلافت جو سرگرم اڳواڻ هو. هن انگريزن کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ وڃي، تقريرون ڪري ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مولوي صاحب هڪ بيباڪ ۽ سچ چوندڙ انسان هو.
پير رشيد الدين جھنڊي واري سان سندس دلي ۽ روحاني لڳاءُ هو. وقت جي مشهور عالمن ۽ سياسي اڳواڻن سان عقيدت ۽ دوستيءَ جو ناتو هيس، جن ۾ مولوي محمد عمر کڏهري، مولوي عبدالله کڏهري، مولانا عبيدالله سنڌي، حاجي ابو الخير مڱيو ۽ مولوي محمد معاذ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.
مولوي دوست محمد لکمير برجستو ۽ ڪهنه مشق شاعر به هو. هن جي ڪافين ۾ تجنيس حرفيءَ جو رنگ ملي ٿو.. سندس ڪلام قلمي صورت ۾ سندس فرزند مولوي ابوالحسن لکمير وٽ موجود آهي. سندس گھڻو تڻو ڪلام توحيد جي موضوع تي مولود، ڪافي ۽ بيت جي صنفن تي مشتمل آهي. سندس ڪلام جي مطالعي مان سنڌ ديس جي سانگيئڙن جي نج سنڌي زبان ۽ ٺيٺ سنڌي محاورن جو رنگ ملي ٿو. مولوي صاحب نهايت خدا ترس ۽ عبادت گذار انسان هو.
مولوي دوست محمد لکمير 1936ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ دوست محمد لکميرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو